سفري ڪنگر

سفري ڪنگر

سفري ڪنگر

سفري ڪنگر (پکي): هي هڪ مڇي خور پکي آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Common Eurasian Kingfisher يا Small Blue Kingfisher، اردوءَ ۾ شاهه ماهي خور ۽ سائنسي زبان ۾ Alcedo atthis چيو ويندو آهي. هن پکيءَ جي جسامت 18 سينٽي ميٽر، پرن جي پکيڙ 7.1 کان 7.7 سينٽي ميٽر، پڇ جي ڊيگهه 2.9 کان 3.7، چهنب جي ڊيگهه 3.9 کان 4.8 سينٽي ميٽر ڊگهي ۽ نر جو وزن 30 کان 31 گرام جڏهن ته ماديءَ جو تقريباً 25 گرام ٿيندو آهي. هن ننڍڙي پکيءَ جو پڇ منهن جي مقابلي ۾ ننڍو، گول مٽول ۽ ٿلهڙو هوندو آهي. هن پکيءَ جي ڇاتي، ڪن پوش (Ear Coverts) ۽ پڇ پوش (Tail Coverts) سرخي مائل گيڙو رنگ جا، ڳچي اڇي ۽ هيٺينءَ ڳل تي اڇو چٽو ٿيندو آهي، مجموعي طور هي رخ ڦيرائڻ تي رنگ بدلائيندڙ، گهري نيري رنگ جو سهڻو پکي آهي، جنهن جي افقي سطح تي پيلي رنگ جون ليڪون هن جي خوبصورتيءَ ۾ وڌيڪ اضافو ڪن ٿيون. پکيءَ جي پٺ ۽ دنب سائيڙي نيري (آسماني) رنگ سان گڏ بازو پوش (Wing Coverts) تي ٽٻڪيدار صورت نمايان ٿئي ٿي. هن پکيءَ جي چهنب سڌي، نوڪدار ۽ خنجر وانگر تيز هوندي آهي، مٿينءَ ڄاڙيءَ کان چهنب جو رنگ ڪارو يا هيٺيان کان گلابي يا ڳاڙهسرو هوندو آهي. ان کانسواءِ هن پکيءَ جون ڄنگهون ۽ پير ننڍا ۽ ڪمزور هوندا آهن، جڏهن ته اکين جو رنگ ناسي ٿيندو آهي. ظاهري ڏيک ۾ نر ۽ مادي هڪجهڙا لڳن ٿا. هي پکي گهڻو ڪري آبي ماحول جي آسپاس رهڻ پسند ڪندو آهي.
سنڌ ۾ هي پکي ڍنڍن، آبپاشي ڪئنالن ۽ پاڻي جي ننڍين ڌٻڻين وٽ عام جام نظر ايندا آهن. اونهاري جي مُند ۾ وچ بلوچستان جي جابلو علائقن ۾ وڃي آباد ٿيندو آهي ۽ سياري جي مند ۾ سنڌو درياهه ۽ کاري پاڻي اندر تمر جي ٻيلن ۾ هڪ کان ٻئي ڇيڙي تائين ۽ مڪران سان لڳندڙ سامونڊي پٽي کان سونمياڻيءَ تائين مجموعي طور هيٺينءَ سنڌ ۾ گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا.
هي پکي سياري ۾ آبي علائقن تائين محدود ٿي، لامن ۽ مٿاهين ٽارين تي ويهي يا وري پاڻي مٿان هوا ۾ هڪ ئي هنڌ ڦيريون پيا پائيندا ۽ سڄو ڏينهن ننڍين مڇين، ڀنڀورين ۽ ٽنڊڻين جو شڪار ڪري پيا کائيندا آهن. عموماً هي پکي پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ترندڙ مڇين جو شڪار ڪندا آهن. هي پکي ٻيڙين مان لامارا ڏئي مڇيون پڻ کڻي ويندا آهن.
هن پکيءَ جي نسلي واڌ ويجهه مارچ کان وٺي جون تائين پاڪستان جي موزون علائقن جهڙوڪ: ڪشمير وغيره ۾ ٿيندي آهي، جنهن لاءِ نر ۽ مادي ٻئي گڏجي سرنگهه نما کڏ کوٽيندا آهن، جيڪا مجموعي طور 5 سينٽي ميٽر ويڪري ۽ 0.9 ميٽر اونهي هوندي آهي. مادي پکي هڪ وقت ۾5 کان 7 بيضا لاهيندي آهي. سندس آريءَ جو عرصو 20 ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي، جنهن جي سنڀال ذميواري نر ۽ مادي ٻنهي تي هوندي آهي. بيضا لسا اڇا ٿيندا آهن. بيضن ڦٽڻ بعد لڳ ڀڳ چئن هفتن ۾ ٻچن جي مڪمل نشونما ٿي ويندي آهي.
هي پکي اڏام وقت مسلسل ٻوليندو رهي ٿو. هن پکيءَ جو آواز تيز ۽ ڪوئي جي چڀندڙ چيچٽ جي آواز جهڙو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو